شاهه احمد غوري جي مزار

شاهه احمد غوري جي مزار

شاهه احمد غوري

شاهه احمد غوري: عالم، بزرگ ۽ شاعر، شاهه احمد غوري عرف مير احمد، سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان هو. پاڻ قرآن مجيد جو حافظ، جيَد عالم، بزرگ ۽ فارسيءَ جو بهترين شاعر هو. هن بزرگ بابت مير علي شير قانع ٺٽويءَ لکيو آهي ته، ”هي حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان آهي. شهر جي ڏکڻ پاسي سندس درگاهه حاجتمندن لاءِ هڪ فيض جي کاڻ آهي. هي بزرگ ستين صدي هجريءَ (تيرهين صدي عيسويءَ) جو آهي. نصرپور شهر جي اتر ۾، اٽڪل ڏيڍ ميل کن جي مفاصلي تي مدفون آهي. هي بزرگ جنهن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي، اهو قبرستان صدين کان هن جي تدفين بعد سندس نالي سان سڏجي ٿو. هن بزرگ بابت روايت آهي ته “هي ڪنهن جنگ ۾ شهيد ٿيو هو.” ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته، “شاهه احمد غوري، فارسي زبان جو چڱي پيماني وارو شاعر هو.” سندس درگاهه عقيدتمندن لاءِ زيارت جو مرڪز آهي.


لفظ شاهه احمد غوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو